اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي ??ثبت ط??يقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪو??ت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ وليج قومي منصوب?? آهي، اولمپڪ وليج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اولمپڪس وليج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس وليج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس وليج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو وي?? آهي. وزيراعظم اولمپڪس وليج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي ??قيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.