اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فل?? پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال ش??هه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه ??ظهر ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال ش??هه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگ??هه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال ش??هه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ?? شوق سان نڀائيندو.