اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بلتستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ?? وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ??ي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي من??وبن بابت اڳڀرائي کان آگاهي ٿي.