نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پ??ڪس??ان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ جي منصوبي ۽ ارلي وارننگ نظام با??ت منصوبابندي سميت ٻيا قدم کنيا آهن، 2030ع تائين پ??ڪس??ان 60 سيڪڙو متبادل توانائي جا ذريعا استعمال ڪندو،گلوبل وارمنگ جي خلاف هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري پ??ڪس??ان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گذريل سال پ??ڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، گلوبل وارمنگ جي ڪري پ??ڪس??ان کي قدرت آفت کي منهن ڏيڻو پيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان موقعي تي پ??ڪس??ان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي دنيا کي پ??ڪس??ان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنس جي لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪيو آهي، ان منصوبي تحت مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نشاندهي ڪيل منصوبن ۾ سمورا وسيلا ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ سيڙپڪاري جي فراهمي جو فريم ورڪ جوڙيو ويندو جنهن سان مخصوص نشاندهي ٿيل شعبن ۾ ضرورتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته 2025ع انيشي ايٽو تحت سنڌو درياءَ جي حوالي سان منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبيتحت ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ اسان جي اولين ترجيح آهي، پ??ڪس??ان جي ارلي وارننگ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا آهن، عالمي حدت ۾ پ??ڪس??ان جو حصو تمام گهٽ آهي تنهن هوندي به سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾ شامل آهيون، عالمي حدت روڪڻ جي لاءِ عالمي ڪوش??ن جو حصو آهيون. هن چيو ته پ??ڪس??ان 2030ع تائين پنهنجي توانائي جي 60 سيڪڙو ضرورت متبادل توانائي جي ذريعن سان حاصل ڪندو، ان تي 100 ارب ڊالر جي لاڳت آهي جنهن تي اسان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي. هن ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان قرآن پاڪ جي آيت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام ماحول جي تحفظ جي ذميواري کي فروغ ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته قدرتي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت قابل عمل سوچ اخت??ار ڪرڻ گهرجي، موسمياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پ??ڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ۽ فني تعاون جي ذريعي موسمياتي انصاف ملڻ گهرجي.