اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عر??ق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عر??ق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان مل??قات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ مل??قات ڪئي. هن چيو ته عر??ق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عر??ق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عر??ق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عر??ق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو.