اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏ??ل قومن جي جنرل اس??مبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحس??ن پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏ??ل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.