راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد ??سن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد ??سن حيدر عمر 43 سال ??ها??ش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال ??ها??ش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عمر 27 سال ??ها??ش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال ??ها??ش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين ج??ن اهڙيون قرباني??ن اسان جي عزم کي وڌيڪ ??ضبوط ڪن ٿيون.