اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورت??ن پوريون ڪرڻ جي لا??ِ 42 ارب رپين جي م??ظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.