دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو. نگران و??يراعظم کي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگران و??يراعظم پويلين ۾ پاڪستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. ??رڏ??هي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارا نگران وفاقي وزير ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ نگران و??يراعظم سان گڏ هئا.