ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب، هي??ٿ ٽيڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪراچي ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ اقتصادي لچڪ جي حوالي سان منعقد گه??ٽي وڄائي ٽريڊنگ شروع ڪ??ڻ جي رسمي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم ڪراچي ۾ آغا خان يونيورسٽي جو دورو پڻ ڪندو. جتي نگران وزيراعظم هي??ٿ ٽيڪ ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.