اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فاصلاتي ۽ آن لائين تعليمي نظام کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪر?? لازمي آهي، معاشرو تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪر?? جا موقعا فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽين کي آن لائين تعليم ڏيڻ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪر?? گهرجي، شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ آن لائين ايجوڪيشن کي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته تعليم طرف ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ۽ صحت جي صورتحال بهتر ٿيندي. صدر يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي چيو ته اهي معاشري ۾ پنهنجي مثبت ڪردار جي ذريعي ملڪ جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي ??ظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشري ۾ سٺي قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، تعليم جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ تيار ڪر?? گهرجي. هن معاشري کي باسعور بڻائڻ تي زور ??نو ته جيئن اهي تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪر?? ۾ مدد ڪر?? جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي طو?? تي ترقي ڪندو. هن چيو ته ملڪ کي تعليم ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي پڻ اختيار ڪر??و پوندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ آهي جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪر?? گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪر?? گهرجي. ان کان اڳ صدر ڪانووڪيشن دوران اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي تي 34 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا.