اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زراعت کي هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏيند?? ايس آئ?? ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو آهي ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي ڪسان ڪنوينشن اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان موقعي تي خاص مهمان هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اعزازي مهمان هو. تقريب ۾ نگران وفاقي وزيرن، زرعي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ايس آئ?? ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته زراعت هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خطاب ڪندي زور ڏنو ته آباد??ار اسان جي زرعي شعبي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. اهو توهان جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ عزم آهي جيڪو لکين پاڪستانين جي لاءِ غذائي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري ٿو. پوري قوم ۽ اسان توهان تي فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي پاڪستان جي غذائي ??حفظ جي لاءِ چئلينج آهن، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ حڪومت ۽ عوام ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت آهي جيئن ايس آئ?? ايف سي تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان تمام گهڻي صلاحيتن ۽ وسيلن سان مالامال آهي. اسان گڏجي الله جي فضل سان هن مشڪل وقت مان نڪري وينداسين ۽ هر شعبي ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئ?? ايف سي جي سمورن قدمن سان پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. اسان متحد ۽ پرعزم قوم طور پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وينداسين.