اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪ??دڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪ?? آهي. هن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضرور?? آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪ??و ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪ??ڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ??ه اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.