اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي ??لي??ٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين ??ي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي ??لي??ٽرڪ (ڪي ??لي??ٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آف??سر مونس عبدالله علوي ??ي قيادت ۾ ڪي ??لي??ٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آف??سر ڪي ??لي??ٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آف??سر ڪي ??لي??ٽرڪ عامر غزيني ۽ ر??گيوليٽري آف??سر ڪي ??لي??ٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آف??سر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آف??سر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي ??لي??ٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي ??لي??ٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي ??لي??ٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي ??لي??ٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي ??لي??ٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين ??ي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.