اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي جوڙڻ جي لاءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳ??اڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن س??ل جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران و??يراعظم ٽن اهم موضوعن و??ري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور ک?? روڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ شامل آهي. نگران و??يراعظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خطاب به ڪندو ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳ??اڻن سان ملاقاتون ڪندو.