ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. هن يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪ??ل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهي?? محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جي هن فيصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جي هن قدم جي گونج دنيا جي ڪ??ڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.