اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سمورو ڌيان ??ها??گائي ۾ گهٽتائي تي آهي. هن چيو ته اپريل جي مهيني ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 82 پئسا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ ڊالر ريٽ تي دارومدار هوندو آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر مستحڪم ٿيڻ سان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ ڪاروباري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ايڪسچينج ريٽ ۽ رپئي جي قدر مستحڪم آهي. نگران دور ۾ به رپئي جي قدر مستحڪم رهي، جيڪڏهن حالتن ۾ اهڙي طرح بهتري رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ و??يڪ گهٽتائي ٿيندي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي رسالا به چئي رهيا آهن ته ??ها??گائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بلومبرگ پڻ چيو آهي ته ٻه سيڪڙو ??ها??گائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته بلومبرگ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال ??ها??گائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر سامهون اچي رهيا آهن. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي چوري جي خلاف قدم ک??ي رهي آهي، بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ بهترين حل سامهون آ??ي رهي آهي.