بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آزاد ڪشمير بابت ڀ??رتي اڳواڻن جا اشتعال انگيز بيان ۽ بنا جواز دعويٰ علائقائي ام?? جي لاءِ سنگين خطرو آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ۽ ڪشميري عوام کي منظم طريقي سان انه?? جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گيمبيا جي شهر بنجول ۾ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماحول ۽ علائقي ۾ انساني حق?? جي سنگين صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل سياسي معاملن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف الدوبي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجير ۽ آذربائيجان جا نمائندا شريڪ ٿيا. ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جو وفد ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئ??. ان موقعي تي هن رابطا گروپ کي ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انه?? جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدار اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف هراس جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها آزاد ڪشمير بابت ڀ??رتي اڳواڻ?? جي اشتعال انگيز بيانن ۽ بنا جواز دعوائن جو نوٽيس وٺي جيڪي علائقائي ام?? جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڀارت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرقي قدمن ۽ ان کانپوءِ جي قدمن جن جو مقصد آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ آهي، کي رد ڪري ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. بيان موجب مختلف ميمبر ملڪ?? جي وفدن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل موجب ڪشميري?? جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو.