اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ 23 ارب رپين جي فوري فرا??مي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي خصوصي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، آزاد ڪشمير جي وزيرن ۽ اعليٰ سياسي قيادت شر??ت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن پڻ شر??ت ڪئي. اجلاس ۾ تازي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ 23 ارب رپيا فوري فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪشميري قيادت ۽ سمورن شر??ت ڪ??دڙ?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.