اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزي??اع??م جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزي??اع??م عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وزي??اع??م شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي ??ڪو??تي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزي??اع??م معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ??ڪو??ت جي قدمن جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري ??ڪو??تي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ??ڪو??ت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??ڪو??ت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزي??اع??م گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزي??اع??م پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو ??ڪو??ت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزي??اع??م چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ ??ڪو??ت جي پختي عزم سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.