اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺ??دي چيو آه?? ته آپريشن عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن ۽ دهشتگرد ڳٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي فيصلائتي طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ آه??، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين، اشرافيه ۽ ملڪي وسيلن جو استحصال ڪندڙن جي مراعتن کي ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا کنڊ جو اضافي ذخيرو برآمد ڪرڻ، واپار واري وزارت جي سفارش ۽ گڏيل قومن جي افغانستان بابت عالمي غذائي پروگرام جي گذارش تي ٽرڪن جي پرزن تي ٻڌل هڪ ڪنٽينر جي حد تائين ڪراچي کان ڪابل ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي آه??، پي آءِ اي جي بڊنگ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته عام ماڻهو جي قابل تجديد شمسي توانائي تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سولر پينلز تي ڪنهن به قسم جي نئين ڊيوٽي نه لڳائي ويندي. وزيراعظم چيو ته گهٽ لاڳت قابل تجديد شمسي توانائي هر شهري تائين پهچائينداسين، معيشت کي مثبت رخ تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور منصوبابندي ڪري رهيا آه??ون، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ معاشي استحڪام طرف تيزي سان وڌي رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين، اشرافيه ۽ ملڪي وسيلن جو استحصال ڪندڙن جي مراعتن کي ختم ڪيو ويندو، عام ماڻهو جي معاشي تحفظ ۽ ان کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آه??. ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم ويزن عزم استحڪام جي حوالي سان گردش ڪندڙ غلط فهمين ۽ قياس آرائين جي حوالي سان ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺ??دي چيو ته عزم استحڪام هڪ گهڻ رخي، مختلف سيڪيورٽي ادارن جي تعاون ۽ پوري رياستي نظام جو مجموعي قومي ويزن آه??، ان مقصد جي لاءِ ڪنهن نئين ۽ منظم هٿياربند آپريشن بدران اڳ کان ??ار?? انٽيلي جنس جي بنياد تي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي هٿياربند آپريشن جنهن جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ جي ضرورت هجي، ويزن عزم استحڪام تحت اهڙي ڪنهن آپريشن جي شروعات رڳو غلط فهمي آه??، عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن ۽ دهشتگرد ڳٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي فيصلائتي طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ آه??، بجيٽ 25 – 2024ع تي بحث دوران وزير پارليامينٽ ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائين. اجلاس کي رياستي ادارن جي نجڪاري خاص طور تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيزي سان ??ار?? آه??، پري بڊنگ جي عمل ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندڙ ڪمپنيون پي آءِ اي جي مختلف سائٽس جو دورو ڪري رهيون آه??. پي آءِ اي جي بڊنگ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ ان ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئ??. و??اقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش ۽ گڏيل قومن جي افغانستان بابت عالمي غذائي تحفظ جي گذارش تي ٽرڪن جي پرزن تي ٻڌل هڪ ڪنٽينر جي ڪراچي کان ڪابل ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اها خصوصي اجازت پاڪستان حڪومت پاران رڳو هڪ ڀيرو انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڏني وئي آه??. و??اقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي ڊويزن جي سفارش تي مذهبي معاملن واري وزارت، پاڪستان حڪومت ۽ اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري سعودي عرب جي وزارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ??. و??اقي حڪومت رياستي ۽ سرحدي علائقن جي ڊويزن جي سفارش تي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ بهاولپور جي امير (مرحوم) جي غيرمنقوله جائيداد جي لاءِ قائم عملدرآمد ڪميٽي جي مدي ۾ مارچ 2025ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ??. و??اقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ (ايف اي بي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏ??. و??اقي ڪابينا کي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي کنڊ جي برآمد جي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جا وڏا ذخيرا موجود آه?? ۽ ان حوالي سان شگر ايڊوائيزري بورڊ ۽ لاڳاپيل ادارن پيڙهائي جي ايندڙ مُند شروع ٿيڻ کان اڳ جي کپت ۽ اضافي کنڊ جي ذخيرن جو ڪاٿو لڳائي باقي پيل گهٽ مقدار ۾ کنڊ جي برآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ان موقعي تي واضح هدايت ڪئي ته کنڊ جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ان حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا کنڊ جي قيمت تي نظر رکندي ۽ جيڪڏهن کنڊ جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جو انديشو ٿيو ته ان جي وڌيڪ برآمد کي روڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي منصوبابندي ڊويزن واري وزارت جي تيار ڪيل قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي سالياني رپورٽ سال 23 – 2022ع کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ??. و??اقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 جون 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏ??. و??اقي ڪابينا ليجسٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 جون 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏ??. و??اقي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي اداري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 20 جون 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.