آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، تر??يه ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، تر??يه ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجا?? جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خط?? جي ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي واڌويجهه جي لاءِ علائقائي تعاو?? جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان تر??يه ۽ آذربائيجان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ٽنهي ملڪ?? جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرو??ت تي زور ڏنو. پاڪستان تر??يه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. ان کان اڳ ٽنهي ملڪ?? جي پرڏيهي وزير?? جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿي چڪو آهي.