لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنا?? ۽ ??حمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي ??ڳا??ل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنا?? ۽ ??حمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت ??ليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ?? جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.