اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪنٽينر تي بيهي رڳو نعرن ۽ پٽڪا لاهڻ ??ان نه پر عوام جي خدمت جي ذريعي ملڪ ??ي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪري پاڪستان کي حقيقي طور تي بدلائي رهيا آهيون. مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هو ڪارڪنن ??ان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ اهي ئي سندس بي پناهه جو پيار جو اندازو لڳائي سگهن ٿا، جيڪي سندس دلين ۾ ڏسي سگهن. هن ڪارڪنن کي چيو ته هو پارٽي جو سرمايو آهن ۽ انهن جو تمام اهم ڪردار آهي، پارٽي ڪارڪن عهديدارن کان به بلند هوندا آهن، هن چيو ته ڪارڪنن جي محبت منهنجي لا??ِ فخر جي ڳالهه آهي، مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪنن مون کي 30. سالن کان چونڊيندا پيا اچن، ان تي انهن وٽ ڪارڪنن جو ٿورو ادا ڪرڻ لا??ِ لفظ نه آهن، هن چيو ته آئون ڪارڪنن جي محبت سبب بار بار پارٽي جو صدر چونڊجي رهيو آهيان ۽ مان ??ميشه ان جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.