اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چي??رمين سليم مانڊوي والا سان پاڪستان ۾ مقرر ايران ۽ يورپي يونين جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن کانسواءِ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ پارليام??ني ۽ اداره جاتي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان ملاقات ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چي??رمين مانڊوي والا چيو ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ سماجي هڪجهڙاين ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ايران سان لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن.