اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو افتتاح ڪيو. وزيراعظ?? ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چ??ڌر??، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ??يصل سلطان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.