اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ ا??اف?? ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ ??هي?? خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ به ا??اف?? ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ ا??اف?? ٿيندو، پاڪستان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.