اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي ري??ست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي ري??ست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده ??هي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مديني جي ري??ست عوام لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خر?? ڪندو هو. هن چيو موجوده ??ڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئ??ن قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.