اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبا??ڪب??د ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آه??. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آه?? اها خوش آئنده ڳالهه آه??. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آه??. هن چيو ت?? اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبا??ڪب??د ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت ا??ي ويو آه?? ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آه??، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ت?? اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آه??. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.