اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ مخالفن کان به وو?? گهرڻ ويندس، جيڪو اليڪشن وڙهندو آهي اهو پُراعمتاد ئي هوندو آهي، مقابلو سخت آهي پر الله خير ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ ميڊيا سينٽر جي اف??تا?? جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي چيو ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ يوسف رضا گيلاني وٽ وو?? گهرڻ وڃي سگهان ٿو ته پوءِ سڀني وٽ وڃي سگهان ٿو. ميڊيا پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ ان جي ضرورت جو خيال رکنداسين، هڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وڙهڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو اليڪشن ۾ لهندو آهي اهو پراعتماد ئي هوندو آهي. هن چيو ته مقابلو ته سخت آهي، الله خير ڪندو.