اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان ??اڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان ??عنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي رو??ٿا?? واري سيڪريٽري ??يپ??ن (ر) اڪبر حسين دراني، ??نس??ني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال جي رو??ٿا?? ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان ??عاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪ??ڻ ۽ ان جي استعمال جي رو??ٿا?? لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ??يجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.