اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوام?? ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعلي?? واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ??رڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن ج?? ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ??رڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عوام?? ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ س??و سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوام?? ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.