لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳوا??ن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پٺتي رهجي ويو ان لاءِ صوبي تي وڌيڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون مياڻي ساحل تي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ٻوٽو لڳائيندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان جا سامونڊي علائقا تمام گهڻا خو??صورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائين پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورو ڌيان جابلو علائقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم ع??ران خان چ??و ته پاڪستان ۾ مسلمان ملڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، پاڪستان الله تعاليٰ پاران تمام وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳوا??ن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چ??و ته سامونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌيڪ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چ??و ته موسمياتي ماهرن جي تازي رپورٽ موجب عالمي گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.