اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزير??عظ?? سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان بلوچستان جي آبادگارن جي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت جي ترقي کي يقيني بڻائيندو.