ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته پاڪستان، اف??انستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ اف??انستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. اف??ان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو اف??انستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اف??انستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اف??ان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اف??انستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي اف??ان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، اف??انستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اف??ان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود ق??يش?? چيو ته پاڪستان، اف??انستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اف??ان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.