اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غازين ۽ شهيد ٻارن جي والدين کي مايو?? نه ڪنداسين، تشدد ۽ ان کي هٿيار طور استعمال ڪندڙن کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردن 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ 132 ٻارن سميت 140 ماڻهن ??ي شهيد ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪاميابي سان دهشتگردي ??ي شڪست ڏني آهي، پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته غازين ۽ شهيد ٻارن جي والدين کي مايو?? نه ڪنداسين، تشدد ۽ ان کي هٿيارطور استعمال ڪندڙن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.