اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل م??ائ??شيا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، ع??ائ??ائي صورتحال ??مي?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان م??ائ??شيا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اهم ع??ائ??ائي ۽ ع??لمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ م??ائ??شيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ م??ائ??شيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ سفري پابندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. م??ائ??شيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي جا ٿورا مڃيا.