اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان قائد??عظ?? محمد علي جناح پاڪستا?? کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزير??عظ?? عمران خان قائد??عظ?? جي مشن ??ي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائد??عظ?? محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائد??عظ?? محمد علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزير??عظ?? عمران خان باباءِ قوم قائد??عظ?? محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنه?? کي قائد??عظ?? محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم قائد??عظ?? جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي ل??ءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري ??فا??ي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري ??فا??ي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائد??عظ?? محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائد??عظ?? محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.