ڪراچي – 21 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) س??وس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين لائين بس تي پ??هنجي پ??رين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ٽي گرين لائين ??س منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها س??وس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لائين بس س??وس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وقت هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان موقعي تي صدر عورت مسافرن کان بي آر ٽي گرين لائين ??س منصوبي بابت انهن ج?? خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي مسافرن چيو ته اهي هن س??وس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرامده سواري ملي رهي آهي. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لائين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت مسافرن بس س??وس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي ??ءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئا.