اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي ??طح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي تي عوامي ??اءِ ??مو??ر ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ??ه ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آباد?? جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آباد?? جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه ع??امي ??گاه?? جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آباد?? جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چيو ??ه خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ??ه آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي ??لامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.