اسلام آباد ??? 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ي??رپي ڪميشن جي صدر ارسلاوان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ي??رپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ارسلاوان ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گ??يل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گ??جي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.