اسلام ??با?? – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن ز??د النهي??ن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه ز??د النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ خليفه بن ز??د النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه بن ز??د النهي??ن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.