اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ مختلف وزارتن جي ناڻي جي مطالبن جي منظوري جو عمل جاري هو ته ان دوران وزيراعظم ??فا??ي وزير اياز صادق ۽ ٻين سان گڏ ايوان ۾ آيو. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جي آجيا?? ڪئي. وزيراعظم سان ايوان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر ملاقاتون ڪند?? رهيا ۽ پنهنجي تڪن جي مسلئن کان کيس آگاهه ڪند?? رهيا. وزيراعظم ڪجهه ميمبرن جي مسئلن تي موقعي تي ئي حڪم پڻ جاري ڪيا. وزيراعظم سان قمر زمان ڪائره، ناڻي واري ??فا??ي وزير مفتاح اسماعيل، سردار اياز صادق، مرتضيٰ جاويد عباسي، عائشه رجب بلوچ، ڊاڪٽر رميش ڪمار وينڪواڻي، شاهه زين بگٽي، راڻا تنوير حسين، شگف??ه جماڻي، ڊاڪٽر نثار چيما، راڻا تنوير الحسن نور ۽ ٻين پڻ ملاقاتون ڪيون.