اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مه??ين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ت??ين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي ??انونن، اخلاق??ات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشمي??ين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي ??دت??ين پابندي لڳل آهي. مه??ين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.