نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي آواز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي ??طري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي ??طاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ج?? 77 ??ين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه ت?? زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي ??ملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي ??صولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ م??جود آهن.