اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هي??ٿ سروسز واري وفاقي وزير ع??دا??قادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي ??تيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق ع??دا??قادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاو?? جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمو??ي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي ??ظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معامل?? جي تعاو?? جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ??وڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.