اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪر??، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فر??همي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس (آءِ سي ايم اي) جي ميمبرن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايم اي پاڪستان جو صدر شهزاد احمد ملڪ ۽ اڪائونٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اد??رن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي تربيت يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ضرورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي اد??رن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته پيشيواراڻي اد??رن کي وڌ کان وڌ گريجوئٽس پيدا ڪر?? گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس تيار ڪر?? تي آءِ سي ايم اي کي ساراهيندي چيو ته ڪرپشن ۽ ميرٽ جي پائمالي سان اد??رن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪئي وئي. هن چيو ته بدعنواني اولهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چيو ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪرپشن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جي فر??همي ۽ خود احتسابي سان بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فر??هم ڪر??، چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪر?? ۾ مدد فر??هم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کان اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ ??رٽ??فڪيٽس ورهايا.