اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين رو??نو ٿيندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چ??ن جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چ??ن جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چ??ن جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چ??ن جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وزيراعظم چ??ن جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جي اميد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.