اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي ن??انو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غي??مستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جو غي??ذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسو جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿ?? رکي، ڀارت کي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڏي??هن سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي غي??ضروري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪيو آهي، بدقسمتي سان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي پاڪستان کي ن??انو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غي??مستقل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غي??مستقل ميمبر طور غي??ذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿ?? رکي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نه ڏٺي وئي آهي ڇو ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير جي اسلام آباد ۽ شوپيان ضلعن ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوانن کي پنهنجي حراست ۾ وٺي قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال پاڪستان جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان چيو ته اسان کي ڪشميري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي آهي. اهو ضروري اهي ته ا??هن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ا??هن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني حقن جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي انساني حقن جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غي??مشروط آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زم??نه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪرڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غي??قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي منسوخ ۽ ڪشميري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي.