اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مر??م نواز اربع تي ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪندي. هوءَ بهاولپور ڊويزن مان تنظيمي سرگرمين جي شروعات ڪندي. پنهنجي بيان ?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مر??م نواز اربع تي بهاولپور پهچندي، مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله خان به گڏ هوندو. مر??م نواز بهاولپور ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوينشن ۾ نوان عهديدار شامل ٿيندا. پارٽي جي مقامي عهديدارن جو تنظيمي اجلاس به ٿيندو. مر??م نواز جي صدارت ۾ موج??ده تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. پارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس ۾ تنظيمي معاملن تي غور ٿيندو.